شيخ واهه

شيخ واهه: شهدادڪوٽ جو هڪ پراڻو واهه، هيءُ واهه نور واهه جي 25 آر.ڊي مان نڪري ٿو. هن واهه جي ايراضي 3911 ايڪڙ آهي. ڊيزائين ڊسچارج 1404 ڪيوسڪ ۽ واٽر ڪورس 10 اٿس. هيءُ واهه، نور واهه مان ٻن زميندارن نور محمد خان شيخ ۽ خانبهادر قائم خان شيخ ڀاوندا لاکا ڳوٺ تعلقي قنبر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر جي ڪنڊ وٽان انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ کوٽرايو. هن واهه کي نور محمد شيخ واهه به سڏين، هيءُ واهه ڇڄڙا، لاکا، ڪلر سميت ڪيترين ديهن کي سيراب ڪري ٿو.


لفظ شيخ واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو